موهن ديارام ڀاوناڻي

موهن ديارام ڀاوناڻي

ڀاوناڻي موهن ديارام

ڀاوناڻي، موهن ديارام: برصغير جي مشهور فلمي هدايتڪار موهن ديارام ڀاوناڻيءَ 1903ع ڌاري حيدرآباد، سنڌ ۾ جنم ورتو. موهن کي فلمن سان دلي لڳاءُ هو. بمبئي ۾ گونگين فلمن جي زماني کان وٺي موجوده دور وارين هندي فلمن جي ڊائريڪشن سان جڙيل رهيو. برصغير ۾ گونگين فلمن جي شروعات ته 1912ع ۾ هڪ برٽش گاڏڙ هندستاني فلم ’پنڊلڪ‘ سان ٿي، پر برصغير جي پهرين باضابطي گونگي فلم 3 مئي 1913ع تي ’راجا‘ نالي سان رليز ٿي. سنڌ ڄائي موهن ڀاوناڻي 1925ع ۾ پهرين گونگي فلم ’سئنيما ڪي راني‘ ڊائريڪٽ ڪئي. ساڳئي سال هن ٻيون ٽي فلمون ’متري پريم‘، ’وير بالا‘ ۽ ’سيٺ سگهالشا‘ به ڊائريڪٽ ڪيون. 1930ع ۾ موهن ڀاوناڻي انڊيا آرٽ پراڊڪشن جي بينر هيٺ فلم ’وسنت سينا‘ ۾ ڊائريڪشن ڏني. فلم وسنت سينا ڀارت جي پهرين عالمي فلم هئي. هيءَ فلم پرڏيهه ۾ ڏيکاري ويئي، جتي هن فلم زبردست مقبوليت ماڻي، اها فلم فرانس ۽ جرمنيءَ ۾ به ڏيکاري ويئي.
موهن ڀاوناڻي پنهنجن فلمن ۾ نين ڪهاڻين کي جنم ڏنو. پهرين ڳالهائيندڙ فلم ’عالم آرا‘ کانپوءِ موهن ڀاوناڻيءَ جي ڊائريڪشن ۾ ٺهيل جڳ مشهور فلم ’نورجهان‘ جي ڪجهه حصن کي ڳالهائيندڙ فلم جو روپ ڏنو ويو، جيڪا بيحد ڪامياب ويئي. 1931ع کان 1948ع تائين موهن ڀاوناڻيءَ ڪل 22 هندي فلمن کي پنهنجي قابليت ۽ ڊائريڪشن سان سينگاريو، جڏهن ته 1925ع کان 1957ع تائين هن 55 هندي/اردو فلمن جي ڊائريڪشن ڏني. شروعاتي دور ۾ هن انڊين آرٽ پراڊڪشن، اجنتا سيني ٽون ڪمپني جي هندي فلمن ۾ ڊائريڪشن ڏني. ان کانپوءِ هن پنهنجي فلم ڪمپني ’ڀاوناڻي پراڊڪشن‘ جي نالي سان برپا ڪئي. موهن ڀاوناڻي ڊاڪيومينٽري فلمون ٺاهڻ ۾ ماهر هو. ڀارت سرڪار پاران کيس فلمس ڊويزن جو پهريون ڊپٽي ڪنٽرولر آف ڊاڪيومينٽري فلم مقرر ڪيو ويو.
موهن ڀاوناڻيءَ جي ڊائريڪشن ۾ ٺهيل 55 فلمن مان ڪجهه هندي فلمن جا نالا هيٺيان آهن: (1) ٽريپڊ - فريبي چال (1931 ع)، (2) ويـرڪـال (1932)، (3) افضل (1933)، (4) رنگيلا راجپوت (1933)، (5) درد دل (1934ع، (6) مل (1934ع)، (7) سير پرستان (1934ع)، (8) جنگ بهادر (1935 ع)،(9) نوجيون (1935ع)، (10) شادي ڪي رات (1935ع)، (11) دلاور (1936ع)، (12) جاگرڻ (1936ع)، (13) جمبودي ايپ مين (1937ع)، (14) ڊبل ڪراس(1938ع)، (15) هماليه ڪي بيٽي(1938ع)، (16) تبت ڪا جادو (1938ع)،(17) جمبو ڪا بيٽا (1939ع)، (18) جهوني شرم (1940ع)، (19) پريم نگر (1940ع)، (20) بيسوين صدي (1945ع)، (21) رنگ ڀومي (1946ع)،
(22) رنگين زمانا (1948ع)، (23) اجيت (1948ع) ۽ ٻيون فلمون شامل آهن.
موهن ڀاوناڻي مشهور ليکڪ منشي پريم چند جي ڪهاڻيءَ تي آڌاريل ’مل‘ نالي فلم ٺاهي، جنهن تي انگريز سرڪار بندش وڌي هئي. بعد ۾ 9 مئي 1938ع ۾ هيءَ فلم ’غريب پرور عرف ديا ڪي ديوي‘ جي نالي سان رليز ڪئي ويئي هئي. ان وقت هن فلم تي هڪ لک روپيا خرچ ٿيو هو. موهن ڀاوناڻي منشي پريم چند جي ٻي ڪهاڻيءَ جي آڌار تي ٻي فلم ’نؤجيون‘ نالي سان ٺاهي. فلم ’ پريم نگر‘ (1940ع) ۾ موهن ڀاوناڻي مشهور سنگيتڪار نوشاد علي کي سنگيت ڏيڻ جو موقعو ڏنو. نوشاد علي هن فلم ۾ پهريون دفعو سنگيتڪار جي روپ ۾ ڪم ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو